دي هوپفل اڪيڊمي مخزن

دي هوپفل اڪيڊمي مخزن: هي ڇماهي مخزن مئي 1914ع کان شڪارپور جي مشهور تعليمي اداري هوپفل اڪيڊمي (هاڻوڪو گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 2) مان شايع ٿيندي هئي. هن مخزن جي ايڊيٽوريل اسٽاف ۾ مسٽر ڪشنچند، جيونداس، راڌا ڪرشن پارو مل ۽ جهامنداس دوارڪا داس ڀاٽيه شامل هئا. مخزن ٻن ڀاڱن تي مشتمل هوندي هئي. هڪ انگريزي مضمونن جو ڀاڱو جنهن ۾ اسڪول جي ڪار گذاري ۽ استادن توڙي شاگردن جون تحريرون ڇپبيون هيون ۽ ٻيو سنڌي ڀاڱو هوندو هو. انگريزي ڀاڱو 25 صفحن تي ۽ سنڌي ڀاڱو 21 کان 24 صفحن تي مشتمل هوندو هئو. هيءَ مخزن سکر جي مسٽر مولچند ڀاڳچند جي ايڊورس پريس مان ڇپجي مسٽر واڌو مل ويڙهو مل گوڪلاڻي مئنيجر ’هوپفل اڪيڊمي‘ جي آفيس مان پڌري ٿيندي هئي. مخزن جي قيمت ڇهه آنا هوندي هئي. هي ڇماهي مخزن تعليمي واڌاري ۽ سرگرمين لاءِ شايع ٿيندي هئي. هيءَ مخزن شاگردن لاءِ رهنمائي ثابت ٿي ۽ بعد ۾ بند ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو